اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيو جمع ڪرائ?? جي ملڪ گير مهم هلائ?? جي هدايت ڪندي عوام جي سمورن طبقن کي ??پي?? ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين، اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليم، مذهبي معاملن، ناڻي، واپار ۽ معاشي معاملن واري وزيرن، صوبائي حڪومتن کي عطيو گڏ ڪر?? جي مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. وزيراعظم چيو ته صنعت ۽ واپار وارا ايوان، ڪاروباري برادري، سرنديءَ وارن ماڻهن، عالم سڳورن، تعليمي ادارن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي مهم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي تعليمي ادارن ۾ عطيو گڏ ڪر?? جي مهم شروع ڪر?? جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي مدد جي ??پي?? تحت مهم هلائي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي تعليم وارو وفاقي وزير اڄ جمعي کان مختلف تعليمي ادارن جو دورو ڪندو. تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وزيراعظم پاران شاگردن کي عطيو ڏي?? جي ??پي?? ڪندو. تعليمي ادارن ۾ ترڪيه جي عوام لاءِ خصوصي ڪئمپ هنيا ويندا. گڏ ٿيندڙ عطيو ترڪيه جي عوام جي مدد لاءِ استعمال ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مذهبي طبقن ۽ عالم سڳورن سان رابطو ڪندو. ترڪيه جي عوام جي مدد لاءِ عوامي راءِ هموار ڪندو. وزيراعظم عوام جي سمورن طبقن کي ??پي?? ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون.