اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان روس جي بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏينهن اسلام آباد ?? پڄاڻي تي پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ پاڪستان پاران آءِ جي سي جي گڏيل صدارت اقصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق جڏهن ته روسي وفد جي قيادت توان??ئي واري وزير نڪول??ئي شولگينوف ڪري رهيو آهي. آءِ جي سي هڪ جامع ٻطرفو مڪينزم آهي جيڪو گڏيل تعاون جي ا??م مسئلن بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعت، ريلوي ۽ توان??ئي تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. آءِ جي سي آخري ڀيرو نومبر 2021ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيو هو. آءِ جي سي جو جاري اجلاس 20 جنوري تي پڄاڻي تي پهچندو.