اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، هم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، تازي دهشتگردي جي لهر جي تدارڪ جي لاءِ سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجي وچ ۾ تعاون وڌائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽر??ز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري ملڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني، چئني صوبن جي آءِ ج??ز ۽ چيف سيڪ??ير??ن وزيراعظم کي تازي دهشتگردي جي واقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ امن امان جي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ آءِ جي اسلام آباد وزيراعظم کي اسلام آباد پوليس جي پگهارن ۾ اضافي ۽ ايف سي جي راشن الائونس کي وڌائي باقي سمورين فورسز جي برابر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان اسلام آباد پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي. وزيراعظم ن??شن?? ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي مڪمل روڪٿام لاءِ صوبائي سي ٽي ڊ??ز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ ن??شن?? ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا صوبن ۾ وڃي ان حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. وزيراعظم چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽيون پنهنجا اجلاس باقاعدگي سان منع??د ڪن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون سان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائين.