اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ?? گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائيميٽ ريزيلينٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندا، پاڪستان ۽ ??اج??ستان عالمي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ فروغ ??يڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ?? گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائيميٽ ريزيلينٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندا، پاڪستان ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير، بحالي ۽ اڳتي ان کان بچاءُ بابت فريم ورڪ پيش ڪندو جيڪو ٻوڏ اچڻ کانپوءِ تباهي جي ڪاٿي (پوسٽ ڊيزاسٽر اسسمنٽ) تي ٻڌل آهي جنهن کي 28 آڪٽوبر 2022ع کي شروع ڪيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 14.9 ارب ڊالر جڏهن ته 15.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ان کانسواءِ آهي، پاڪستان کي ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي لاءِ 16 ارب ڊال کان وڌيڪ رقم جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اها ڪانفرنس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر بهتر نئين سر تعمير جي لاءِ مدد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم ?? گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي ڪانفرنس جي لاءِ ڊونر ملڪن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن کي دعوتناما موڪلي ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اج??ستان جي صدر امام علي رحمان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان چيو ته ??اج??ستان جي صدر امام علي رحمان پاڪستان جي ٻن ڏينهن سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفدن جي سطح تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، وزيراعظم گذريل رات ??اج?? صدر جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏنو جڏهن ته هن ڪالهه خميس ڏينهن صبح دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقاتن دوران ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ??يڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻطرفي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. ترجمان چيو ته صنعت ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گذريل ڏينهن ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جن ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام، اليڪٽرانڪ ڊيٽا انٽرچينج جي قيام تي ڪسٽم عملدارن جي وچ ۾ تعاون، پاڻي وسيلن ۾ تحقيق ۽ تعليم جي شعبي ۾ تعاون شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين هڪ ٺوس گڏيل بيان پڻ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي، ڌرين واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، توا??ائ??، تعليم، ثقافت ۽ سياحت ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳوليندا. هن عالمي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ فروغ ??يڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين ڪاسا – 1000 جهڙي رابطي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو آهي جيڪو مستقبل ۾ توا??ائ?? جي لنگهه لاءِ نيون راهون کوليندو. هن چيو ته پاڪستان ڪواڊريليٽرل ٽريفڪ ان ٽرانزٽ ايگريمنٽ جي ??اج??ستان جي ميمبرشپ جي لاءِ پڻ حمايت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ??اج??ستان وچ ايشيا ۾ اسان جو ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي پاڪستان جي لا??ِ هڪ اهم حصيدار آهي، هن يقين ظاهر ڪيو ته وزيراعظم جو ايندڙ سال دوشنبي جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ افهام ۽ تفهيم کي اڳتي وڌائيندو.