اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر ?? حيدرآباد روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سکر ?? حيدرآباد ۾ 306 ڪلو ميٽر ڊگهي سکر حيدرآباد موٽروي ??يم 6 جي پيڙ جو پٿر رکندو. سکر حيدرآباد موٽروي پشاور ڪراچي موٽر وي (پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان جا سڀئي وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت 30 مهينن جي ننڍي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم پهرين سکر ?? حيدرآباد ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب ڪندو