اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زبانو?? بن?? ڪرڻ وارا اڄ روڊ بن?? ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي، عمران خان رستا بن?? ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ اسڪولن ۽ اسپتالن جا رستا بن?? آهن، عمران خان جيڪو پيسو رستا بن?? ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ تي خرچ ڪري رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي لڳائي چڏي ها، عمران نيازي جيڪو پيسو باهه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته جيڪو پيسو ٽائر ساڙڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرن جي چلهي ٻارڻ ۾ لڳائي چڏي ها، عمران خان جيڪو پيسو اسڪول ۽ اسپتال بن?? ڪرائڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو پنجاب ۽ خيبرپختواهه ۾ اسڪول ۽ اسپتالن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ انتشار، فساد ۽ فتنو پکيڙڻ آهي، هي اهو ڊهيٽ ۽ فسطائي ماڻهو آهي، جنهن ٻوڏ متاثرين جي امداد تي به سياست ڪئي، عمران نيازي چئن سالن تائين عوام کي کاڌي پيتي، بجلي، گيس، دوا کسي ۽ روزگار بن?? ڪيو ۽ اڄ روڊ بن?? ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چار سال عوام جي دوا بن?? ڪرڻ وارو اڄ مريضن جو رستو بن?? ڪري رهيو آهي.