اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پ?? پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي اثر ڇڏيندو. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پ??ڪ) جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ سي پ??ڪ تحت جاري منصوبن تي ڳالهيون ٿيون جيڪي وزيراعظم شهباز ??ري?? جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. ??نه?? منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي وفاقي وزير سي پ??ڪ جي ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته حڪومت ??نه?? منصوبن خاص طور تي ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي سي آ?? منصوبن کي شروع ڪرڻ تي پرعزم آهي. وفاقي وزير ايم ايل ون ۽ ڪي سي آ?? منصوبن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي هڪ اسٽريٽجڪ پروجيڪٽس سمجهيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي اقتصادي اثر پوندا. وفاقي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. جيڪي پ??رين نومبر تي وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. چيني سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.