اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم جي حمايت ۽ هٿياربند ف??ج جي مدد سان دهشتگردي جي ناسُور جو خاتمو ڪنداسين، پوليو جي خلاف جنگ وڙهندڙ ورڪرز ۽ انهن جي محافظن کي خراج تح??ين پيش ڪر??ون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد حبيب الرحمان کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليو ٽيم جي حفاظت ڪندي شهادت ماڻيندڙ حبيب الرحمان کي قوم سلام پيش ڪري ٿي، دهشتگرد پاڪستان جي بارن کي معذور بڻائڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته قوم جي حمايت ۽ هٿياربند ف??ج جي مدد سان دهشتگردي جي ناسُور جو خاتمو ڪنداسين، پوليو جي خلاف جنگ وڙهندڙ ورڪرز ۽ انهن جي محافظن کي خراج تح??ين پيش ڪر??ون ٿا. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.