اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ ??وڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بحالي جي سرگرميون جاري آهن، نئين آدمشماري جي نتيجن کانپوءِ حد بندين کي نظر ۾ رکندي ايندڙ عام چونڊون جولاءِ کان آگسٽ 2023ع کان پهرين ممڪن نه آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مارچ 2023ع ۾ نئين آدمشماري جا نتيجا ملندا ۽ ان کانپوءِ، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) کي سڄي ملڪ ۾ حد بندي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا گهربل هوندا، ان لاءِ اهو وقت پاڻمرادو جولاءِ کان آگسٽ 2023ع تائين هليو ويندو. ان کان پهرين ايندڙ عام چونڊون منعقد ڪرڻ انتظامي طور تي ممڪن نه آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ايندڙ 6 کان 8 مهينن تائين ??وڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي بحالي ۾ مصروف رهندي، ان لاءِ ان عرصي دوران عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جو مطلب تازي ??وڏ ۽ طوفاني برساتن سبب بري طرح متاثر ٿيل غريب ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ هوندو. جيڪڏهن عمران خان چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ تي ضد ڪري رهيو آهي ته آئون کيس اڄ تاريخ ڏئي رهيو آهيان ته ايندڙ عام چونڊون آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته ايندڙ 6 کان 8 مهينن ۾ چونڊون ممڪن نه آهن پر هو هنگامو ڪري رهيو آهي ۽ لانگ مارچ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ موجوده حڪومت خلاف ڌرڻو صرف ملڪي معيشت کي سبوتاز ڪرڻ ۽ حوصلا ڪمزور ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته 2014ع ۾ پڻ عمران خان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي آغاز ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن اسلام آباد ۾ ان جي ڌ??ڻي سبب چيني صدر جو دورو دير جو شڪار ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ سي پيڪ منصوبو تقريبن 10 مهينا دير جو شڪار ٿيو، هاڻي هڪ دفعو ٻيهر مسٽر خان لانگ مارچ جي ڪ??ل ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي جڏهن سي پيڪ تي 11 هين گڏيل رابطه ڪميٽي (جي سي سي)، جيڪو هڪ اهم فيصلا ساز ادارو آهي، هلندڙ ??هيني جي آخر ۾ منعقد ٿي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو چين جو اهم دورو پڻ ايندڙ ??هيني ٿيڻ جو امڪان آهي، ان لاءِ ان ڏس ۾ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش سي پيڪ جي اڳڀرائي کي متاثر ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سينئر قيادت تازي ضمني چونڊن جي چونڊ مهم ۾ حصو نه وٺي سگهي ڇو ته هر ڪوئي ??وڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جي ڪم ۾ مصروف آهي. ٻئي پاسي هتي آل پاڪستان چارٽرڊ اڪائونٽنٽس ڪانفرنس 2022ع کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي سياسي عدم استحڪام ۽ اقتصادي پاليسيون بند ٿيڻ سبب بار بار رڪي آهي، هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت معاشي محاذ تي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي هئي ۽ پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي هئي پر هڪ ٻيو تجربو ڪيو ويو جيڪو بري طرح ناڪام رهيو، وزير چيو ته ملڪ جي اعليٰ اقتصادي واڌ صرف روانگي واپار جي ترقي جي پاليسين تي عملدرآمد سان ئي ڊگهي مدي تائين برقرار رهي سگهي ٿي ۽ ملڪ جي پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 100 بلين ڊالر جو روانگي واپارجو هدف حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان چين جي وڏي مارڪيٽ جي صلاحيت کي حاصل ڪري سگهي ٿو ڇو ته چين پاڪستان کان 2.25 ٽريلين ڊالر جو ڪل امپورٽ حصي ۾ صرف 3 بلين ڊالر جو سامان امپورٽ ڪندو آهي.