اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ ر??ليف آپريشن بابت وڊيو ڏيکاري وئي. نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايف ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقب??ل وڊيو ذريعي شرڪت ڪندڙن کي نقصانن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي ڪابينا جا ميمبر، فوجي ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا.