اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ بوڏ سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي ۽ ان آفت کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ اسان کي ڀائيچاري ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي جڏهن ته نادرا ۽ پاڪستان فا??ماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ 12 ڪروڙ رپيا ۽ 5 ڪروڙ ر??ين جون دوائون عطيو ڪيون ويون. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وفدن سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 10 ڪروڙ ر??ين ج?? چيڪ پيش ڪيو. چيئرمين قاضي محمد منصور دلاور جي سربراهي ۾ پاڪستان فا??ماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 2 ڪروڙ ر??ين ج?? چيڪ پيش ڪيو. پاڪستان فا??ماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 5 ڪروڙ ر??ين جون دوائون پڻ عطيو ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن آفت کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان قومي يڪجهتي جي ذريعي هن مشڪل وقت جو مقابلو ڪنداسين، پوري قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف متاثر علائقن ۾ دوائن جي ضرورت جو تعين ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان فا??ماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن سان گڏجي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. پاڪستان فا??ماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ضرورت پوڻ تي وڌيڪ دوائون عطيو ڪرڻ جو پڻ وچن ڪيو. اسلامڪ ريليف جي گلوبل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم احمد جي سربراهي ۾ وفد پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ اسلامڪ ريليف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي ۽ ڪنٽري ايڊووڪيسي اسپيشلسٽ رضا قاضي پڻ موجود هو. اسلامڪ ريليف وزيراعظم کي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي ريليف جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني. هن وزيراعظم کي 3 ڪروڙ پائونڊ عطيو جمع ڪرڻ جي هدف بابت پڻ آگاهه ڪيو.