لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته اي وي ايم جو تصور منهنجو آهي، موجوده حڪومت سان منهنجا سٺا لاڳاپا آهن، صرف 4 سمريون رد ڪيون، ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان اچڻ جي حوالي سان ڪا راءِ نه ڏيندس، اطلاعن موجب ڳالهيون هلن پيون پر ان حوالي سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، سڀني سياسي ڌرين کي گڏجي ويهي معاملن کي نبيرڻ گهرجي، ملڪ جا سمورا ادارا احترام لائق آهن، تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکان. گورنر هائوس لاهور ۾ ناليواري ميڊيا پرسنز سان ڳالهائيندي هن ??يو ته ان ڳالهه ٻولهه جو مقصد موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال بابت تصديق ٿيل راءِ حاص?? ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي گرمي ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ممڪن طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي. هن ??يو ته کيس پاڪستان جي عوام پاڪستان جي صدر طور اها ذميواري ڏني آهي، ان حيثيت سان سندس ڪجهه اهم آئيني ذميواريون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي صدر جي حيثيت سان ملڪ جا سمورا ادارا سندس جي لاءِ احترام جوڳا ۽ عزيز آهن ۽ هو ڪنهن به قسم جو تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکي، مشاورتي عمل ذريعي بهتري آڻڻ جا ڪيترائي رستا موجود آهن. صدر چيو ته سمورين ڌرين کي هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ميز تي آڻڻ جي لاءِ مشاورتي عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته صدر جو آئيني ڪردار انهن ??ي باضابطا طور تي ڌرين تائين پهچڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن وڌيڪ چيو ته اها ايگزيڪيوٽو، اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر مخالف ڌر ۽ لاڳاپيل ادارن جي بنيادي ذميواري آهي ته اهي پولرائيزيشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. هڪ ناليواري صحافي جي خيالن سان اتفاق ڪندي صدر چيو ته سياسي پارٽين ۽ ڌرين کي خاص طور تي آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي انعقاد ۽ ميثاق معيشت تيار ڪرڻ جي حوالي سان ويهي اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ متفقه رستو طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده سياسي پولرائيزيشن ۽ معاشي صورتحال ۾ بهتري پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر وڌيڪ چيو ته هو سمجهي ٿو ته بدعنواني ڪنهن به ملڪ جي غربت جو هڪ وڏو عنصر آهي، بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو آهي ته خاص طور تي سياسي پارٽين پاران عطيا وصو?? ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ سميت سموري مالياتي ڏيتي ليتي رسمي بئنڪنگ چينلز ذريعي ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته رڳو پاڪستان جي اندر ڌرين کي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ ڪنهن ٻاهرئين ماڻهو يا ملڪ جي مداخلت کانسواءِ رڳو شامل ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سوشل ميڊيا هاڻي هتي رهڻ جي لاءِ آهي پر بدقسمتي سان اسان ان جا عادي نه آهيون ۽ ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل آهي. ان لاءِ اسان کي سوشل ميڊيا ۽ ان تي ڇا ٿي رهيو آهي ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته سوشل ميڊيا جو 90 سيڪڙو سٺو آهي ۽ ڪيتري ئي معلومات فراهم ڪري ٿو جڏهن ته اسان کي جعلي خبرن ۽ افواهن ??ي فلٽر ڪري باقي 10 سيڪڙو کي منهن ??يڻ سکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس موجوده حڪومت سان انتهائي خوشگوارا لاڳاپا آهن ۽ هن ??ار سمرين کانسواءِ جيڪي آئين جي دائري ۾ رهندي دير جو شڪار ٿيون سمورين سمرين جي وقت سر منظوري ڏني. هن ??يو ته هو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بعد ۾ ميان نواز شريف جي حڪومتن جي دوران به ڊگهي عرصي کان اي وي ايم جو بنيادي حامي هو ۽ اي وي ايم جو تصور منهنجو ئي ڏنل آهي، جنهن ??انپوءِ مون ئي پي ٽي آءِ کي چونڊن دوران ٽيڪ??ال??جي جي استعمال تي قائل ڪيو. اي وي ايم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ انتهائي آسان حل فراهم ڪري ٿي. هن ??ونڊ عمل دوران ٽيڪ??ال??جي جي استعمال تي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ملڪ ۾ جمهوري عمل کي سگهه ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته مفتي تقي عثماني جي ذريعي افغان حڪومت کي افغان شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين کي ڊسٽنس لرننگ ۽ ورچوئل موڊ آف ايجوڪيشن فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن ??يو ته مفتي تقي عثماني پاڪستاني طالبان سان ڳالهه ٻولهه دوران کين ٻڌايو ته مسلمان دنيا جي سمورن آئينن مان اسلام جي ويجهو ترين آئين اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين آهي. ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان جي اچڻ جي تازين اطلاعن تي تبصرو ڪندي هن ??يو ته سندس ان تي ڪا راءِ نه آهي ڇو ته اطلاعات موجب ڳالهيون جاري آهن. هن ??يو ته سندس راءِ آهي ته اهڙي قسم جي ڪنهن به ڳالهين کي پارليامينٽ پاران لازمي قرار ڏيڻ گهرجي ۽ ڪنهن خوش آئنده نتيجي تائين پهچڻ جي لاءِ اعتماد ۾ وٺي سگهجي ٿو، نتيجن کي پڌرو ڪرڻ کان اڳ پارليامينٽ کي رپورٽ ڪيو وڃي.