اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊنگ ۾ گه??تائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي گه??تائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فر??هم?? ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني وئي، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم ??اڳ??پيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فر??هم?? ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊنگ ۾ گه??تائي پا?? محسوس ٿئي.