انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪي جي مشهور ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ موجوده حڪومت جي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مختلف منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انقره ۾ ترڪ سيڙپڪا??ن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان سياه قلم انجنيئرنگ جي وفد ڪمپني جي صدر سنگيز اوزدمير جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ موجوده حڪومت جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ قدمن تي اعتماد ۽ ڪمپني پاران سولر، ونڊ، پن بجلي، ويسٽ مينيجمينٽ ۽ هائوسنگ جي منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ترڪي جي مشهور ڪمپني آرچيلڪ جي وفد ڪمپني جي چيف ڪمرشل آفيسر سان دنسر جي قيادت ۾ ملاقات ۾ پاڪستان جي حڪومت پاران ٻاهرين سيڙپڪارن کي ??هولتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم سان زورلو انرجي ترڪي جي وفد سي اي او سينان اي ڪي جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ زورلو انرجي پاران توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي ??گاهه ڪيو ويو ته چار سالن کان گذريل حڪومت جي غفلت جي ڪري جن منصوبن تي ڪم رڪيل هو انهن کي هن حڪومت جي ايندي ئي شروع ڪيو ويو آهي جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ کي ??رجيح ڏيڻ جو ثبوت آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان البيراڪ ڪمپني جي وفد صدر احمد البيراڪ جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم کي ??گاهه ڪيو ته گذريل حڪومت ۾ ڪمپني جي ساک کي نقصان پهچايو ويو ۽ ان تي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ان جي و??ڪر?? کي هروڀرو گرفتار ڪري جيل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ انهن تي بي بنياد الزام لڳايا ويا، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افسوس ۽ ڏک جو مقام آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري روڪڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي، گذريل حڪومت گذريل حڪومتن جي سمورن منصوبن کي ??ياسي دشمني ۾ تباهه ڪيو، هن چيو ته سمورن سيڙپڪارن جي مسئلن کي ??ل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم چيو ته هن پنجاب جي وڏي وزير طور ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جي معاهدي ۾ 90 ملين ڊالر بچايا. ڪمپني جي وفد وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي گهري اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن جي سمورن مسئلن کي ??ل ڪرڻ جي خا??ري ڪرائندي کين پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم شهباز شريف سان حيات ڪيميا ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ علي زيبڪ جي قيادت ۾ وفد به ملاقات ڪئي ۽ حيات ڪيميا پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سمورن مسئلن جي خا??مي جون هدايتون جاري ڪيون.