اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي انشورنس جي رقم جي ادائيگي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بيواهن کي گروپ انشورنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي هدايت ??ئي ته هو فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ ملتان جي فائر مينن جي بيواهن کي گروپ انشورنس ادا ڪري. تفصيل موجب مختار مائي، نوران مائي، نسيم مائي ۽ عذرا بي ب?? جا گهروارا سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويا هئا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غريب بيواهن کي 10 سالن تائين انشورنس جي رقم ادا نه ڪئي وئي، بيواهن کي گروپ انشورنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي، اهو رويو ڪمپني جي س??ک تي بدنما ڌٻو ۽ پاڪستان جي آئين جي اصولن جي خلاف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽي?? لائيف جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ بيواهن کي گروپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو ح??م برقرار رکيو. هن لاڳاپيل قانونن تحت ذميوار اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بيواهن پنهنجي گهروارن جي گروپ انشورنس جي رقم جي لاءِ اسٽي?? لائيف کي درخواست ڏني هئي، رقم نه ملڻ تي هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن انشورنس ڪليمز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، اسٽي?? لائيف محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گروپس انشورنس جي ڪٽوتي فوتي گهروارن جي پگهار مان باقاعدگي س??ن ڪئي ويندي هئي، رڪارڊ کان خبر پئي ته پنجاب حڪومت ۽ اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو. پنجاب جي سمورين مقامي حڪومتن جا ملازم معاهدي تحت گروپ انشورنس جا حقدار آهن. حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ صدر ڪمپني جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽي?? لائيف جي اپيل رد ۽ بيواهن کي گروپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو ح??م برقرار رکندي چيو ته فوت ٿيندڙ فائر مين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان جو ريگيولر ملازم هو، ملازمن سروس جي دوران بنيادي پگهار جي اسڪيلز موجب ماهوار پريميم ادا ڪيو، شڪايت ??ندڙن انشورنس ڪمپن?? جا سمورا گهربل دستاويز پڻ فراهم ڪيا. انشورنس ڪمپني جو موقف غلط، بي بنياد ۽ بنا جواز آهي تنهن ڪري ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته ڪمپني معاهدو تحت شڪايت ??ندڙن کي گروپ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي پابند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪم ڏنو ته اسٽي?? لائيف انشورنس بيواهن کي انهن جي گهروارن جي انشورنس جي رقم ادا ڪري.