ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خضدار ڪ??لاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنج??، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، صوبائي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ڪراچي ڪوئيٽ?? چمن رستي جي ڪل ڊي??هه 700 ڪلوميٽر آهي. ڪراچي ڪوئيٽ?? چمن رستي جي 330 ڪلوميٽر حصي خضدار ڪ??لاڪ کي نئين سر تعمير سان گڏوگڏ ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو، ان رستي تي 37 پليون ۽ هڪ هزار ڪلورٽس ٺاهيا ويندا، ڏهاڙي 12 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ان روڊ تي هلڻ سان ماڻهن کي ??فر ۾ آساني ٿيندي. رستي جي تعمير سان 5 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.