اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عرا??ي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان ??وقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان ??اڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عرا??ي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير سان ??ختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ?? مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.