اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئُون موسم خراب هجڻ جي ڪري ڪرم ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس، آئُون جلد موقعو ملڻ تي ڪرم جو دورو ڪندس. ڪرم ۾ عام جلسي ۾ موسم جي خرابي سبب دورو ملتوي ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل وڊ??و پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ڪرم جي ماڻهن کا?? معذرت چاهيان ٿو، آئُون هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ??ي چڪو هئس پر اسان جي پائليٽ ٻڌايو ته موسم اهڙي آهي جو هيلي ڪاپٽر اتي و??ي نٿو سگهي، جابلو علائقو آهي ۽ تيز هوا به هلي رهي آهي، ان لاءِ هيلي ڪاپٽر نٿو وڃي سگهي، ان لاءِ آئون توهان کا?? معذرت خواه آهيان ته آئون جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس پر آئون توهان کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، مون کي جڏهن به موقعو مليو ته آئون توهان وٽ ايندس ۽ توهان سان ڳالهيون ڪندس.