اسلام آباد – 11 فيبروري (اي ??ي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا پرڏيه?? وزارت ۾ ملاقات ڪئي، پرڏيه?? وزير چيو ته بهترين سفارتڪار اڳوڻ?? پرڏيه?? وزير ۽ سياستدان هجڻ جي ناطي توهان جو تجربو متاثر ڪندڙ ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن سان تعلق رکندڙ تجربيڪار عورت اميدوار جي طور تي توهان آئي ايل او جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار آهيو، شاهه محمود قريشي چيو ته جنيوا ۾ گذريل مهيني ٿيل عوامي ٻڌڻي ۾ توهان جو موقف ۽ ترجيحن جو اظهار واکاڻ جوڳو آهي، ڪورونا وائرس جي عالم گ??ر وبا دنيا جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ملازم، مالڪ ۽ پورهيت ان وبائي مرض سان هڪجهڙا متاثر ٿيا، شاهه محمود قريشي چيو ته مناسب ترقياتي فنانسنگ ۽ ويڪسين ايڪويٽي، معاشي بحالي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان آءِ ايل او گورننگ باڊي جي ميمبر طور تي ان اهم عالمي ترجيحن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. اسان اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او سان ترقياتي فنانسنگ، قرض کان ڇوٽڪارو، ويڪسين ايڪويٽي ۽ منصفاڻي عالمي مالياتي ڍانچي جي قيام، سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا تعريفي جملن ت?? پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.