اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو ??هي ته پا??ستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي، اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي اهو سڀ ڪري رهيو آهي، الزام لڳائيندڙن جي بياني کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبي?? چيو ته اڪبر ايس بابر چوندو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي ??هي ته ٻڌايو ته اها ڪٿي آهي؟ اڪبر ايس بابر چانهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ سڀني کي گمراهه ڪيو آهي، رپورٽ جي صفحي نمبر 81 موجب اڪبر ايس بابر پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو. مريم صفدر به اليڪشن ڪميشن کان ٻاهر اچي چوندي ??هي ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي پر ان رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي، هن چيو ته پا??ستان تحريڪ انصاف صاف ۽ شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پارٽي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ پا??ستانين سپورٽ ڪيو، الزام لڳائيندڙن کي اوورسيز پا??ستانين کان به معافي گهرڻ گهرجي جنهن جي دل آزاري ٿي آهي، فرخ حبي?? چيو ته آئون مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو به پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آڻين، ڀون داس ۽ شجاعت عظيم جو عوام کي ٻڌائين ته اهي ڪير آهن، هن چيو ته بلاول کي به 35 ڪروڙ جو حساب ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست ??هي ته جلد کان جلد اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت باقي سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي. فرخ حبي?? چيو ته مولانا فضل الرحمان جو به پتو پوڻ گهرجي ته هو ليبيا کان ڪهڙي چڪر ۾ فنڊنگ وٺي رهيو آهي، اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته صرف پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي ??هي جنهن شفافيت کي نظر ۾ رکيو، هن چيو ته برطانيه ۾ ن ليگ پرائيويٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽرڊ آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ان معاملي کي حل ڪري، فرخ حبي?? چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته اليڪشن ڪميشن جلد کان جلد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ ڪندو. هن چيو ته والٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو جيڪو ذڪر ڪري رهيا آهن اهي پئسا به بئنڪ جي ذريعي آيا ان ۾ ڪا به شيءَ لڪائڻ واري نه آهي، هڪ دوستاڻو ڪرڪيٽ ميچ ٿيو اهو به پا??ستانين جي وچ ۾ کيڏيو ويو، مملڪتي وزير چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ به ان حوالي سان ڪجهه نه نڪتو.