اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران 82 سالا ٽيڪس ڏيندڙ سان ??ڻوڻندڙ سلوڪ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو غيرذميواري ۽ بدعنواني جي پوري نظام جو جائزو وٺي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ايوان ??در ميڊيا آفيس پاران ??اري پڌرائي موجب صدر بزرگ شهري جي خلاف ايف بي آر جي فيصلي تي ڇوٽ ورتي جنهن ان کي غيرضروري بنيادن تي 2333 رپين جي معمولي رقم واپس ڪرڻ کان ??نڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل غيرضروري ق??نو??ي چاره جوئي ۾ گهيليو. بزرگ شهري عبدالحميد خان ??ان معذرت ڪندي صدر چيو ته ايف بي آر پاران کيس پهچندڙ تڪليف تي اسان ??ا ڪنڌ شرم سان ??هڪڻ گهرجن. عبدالحميد خان (شڪايت ڪندڙ) هڪ بزرگ شهري آهي، جنهن جي عمر 82 سال آهي، هن پي ٽي ??ي ايل ۽ موبائيل فون تي وصول ڪيل ايڊوانسڊ ٽيڪس واپسي جي مد ۾ سال 2020ع جي پنهنجي انڪم ٽيڪس ريٽرن تي 2333 رپين جو ريفنڊ جمع ڪرايو هو. شڪايت ڪندڙ 19 آڪٽوبر 2020ع تي ريفنڊ جي درخواست اي فائيل ڪئي جنهن کانپوءِ 24 ڊسمبر 2020ع تي ايف بي آر چيئرمين کي به ياد ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڏني وئي. ايف بي آر جي يونٽ آفيسر 29 جنوري 2021ع تي ان جي ريفنڊ جي دعويٰ کي ان ??نياد تي رد ڪري ڇڏيو ته درخواست ڏيندڙ تصديق ڪيل گهربل اصل سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو. شڪايت ڪندڙ ٻيهر پنهنجي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ معاملو وفاقي ??يڪس محتسب وٽ اٿاريو. ايف ٽي ??و معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ 02 جون 2021ع تي ايف بي آر کي حڪم ڏنو ته اها 19 جنوري تي غيرق??نو??ي حڪم تي نظرثاني ڪري ۽ شڪايت ڪندڙ کي ق??نو?? موجب ٻڌڻي جو موقعو فراهم ڪرڻ کانپوءِ، آرڊيننس جي سيڪشن 170 (4) تحت هڪ نئون حڪم جاري ڪري. هن حڪم ڏنو ته ان ??هلڪار جي سڃاڻپ ۽ ان جي خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي جنهن ق??نو?? ۽ طريقيڪار جون ڌڄيون اڏائيندي غيرضروري حڪمنامو پاس ڪيو ۽ وڏي عمر جي ٽيڪس ڏيندڙ کي غيرضروري ق??نو??ي چاره جوئي سان گڏ 45 ڏينهن جي اندر تعميل جي اطلاع ڏني. نتيجي طور ايف بي آر 24 جون 2021ع تي ايف ٽي ??و جي اصل حڪم جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر جي درخواست رد ڪندي چيو ته شڪايت ڪندڙ اعتراف سان گڏ ايڊوانس ٽيڪس جون ڪاپيون پيش ڪيون آهن جيڪي لاڳاپيل عملدار جي ذريعي جمع ڪيل سرٽيفڪيٽس موجب آهن. جيڪڏهن يونٽ آفيسر سرٽيفڪيٽس جي ڪاپين مان مطمئن نه هو ته هو نه رڳو پي ٽي ??ي ايل ۽ سيل فون ڪمپنين کان ??صديق ڪرائي سگهيو پئي پر آن لائين سسٽم ذريعي به تصديق ممڪن هئي. هن چيو ته ڊيوٽي ??فيسر جي ذميواري آهي ته جيڪڏهن اها سسٽم ۾ ظاهر نه ٿي رهي هئي ته هو ڪٽوتي ڪندڙ عملدار کان ٽيڪس جي ڪٽوتي جي تصديق ڪرائي ها، قطعي نظر ان جي سرٽيفڪيٽس اصلي يا ڪاپيون آهن. صدر آن لائين سسٽم جي ذريعي پي ٽي ??ي ايل ۽ سيل فون ڪمپني کان ??لن جي تصديق ڪرڻ ۾ آفيسر جي ناڪامي کي غيرذميواري ۽ بدانتظامي جو عمل قرار ڏنو. هن چيو ته آفيسر جو اهو فعل ايف بي آر جي ق??نو??، طريقيڪار ۽ هدايتن جو مذاق اڏائڻ آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته وڏي عمر جي پينشنر جي تذليل جي لاءِ ڪيس ۾ غيرق??نو??ي سلوڪ ڪيو ويو. ايف بي آر جي درخواست کي رد ڪندي صدر عارف علوي چيو ته اهو بيوروڪريٽڪ اٿارٽي ??و انتهائي افسوس جوڳو ۽ شرمناڪ حربو آهي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته ايف بي آر جي اهلڪار پنهنجي کاتي، ٽيڪس محتسب ۽ صدر پاڪستان ??و وقت ضايع ڪيو. رڳو 2333 رپين جو اهو معاملو هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين لٽڪيل رهيو. هن ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ايف بي آر ۾ بيوروڪريٽس جي ڊگهي چين مان ڪنهن به ان معاملي تي غور فڪر نه ڪيو ته ان معاملي جي ناانصافي، گهٽ ظرفي ۽ ضرورت کان وڌيڪ دير جو نوٽيس ورتو وڃي. صدر چيو ته اسان ??ا ڪنڌ شرم سان ??هُڪڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته هو سينيئر سٽيزن عبدالحميد خان ??ان ??يف بي آر جي ڪري ٿيندڙ تڪليف تي معذرتخواهه آهي. هن هدايت ڪئي ته ان معاملي ۾ فيصلاسازن جي پوري چين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ ايف بي آر چيئرمين کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ذميوارن خاص طور تي ۽ ٻين بالعموم، انهن کي ترجيحون ۽ شائستگي سيکارڻ جي لاءِ ڪورسز مان گذرڻ گهرجي.