اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن قومي سلامتي پا??يسي 26 -2022ع جاري ڪندو. پا??يسي جو مرڪزي فريم ورڪ شهرين کي بينادي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشي سيڪيورٽي آهي ته جيئن پاڪس??ان کي اقتصادي طور تي محفوظ ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ڪلاسيفائيڊ قومي سلامتي پا??يسي جي پبلڪ ويزن جاري ڪندو جيڪو پاڪس??ان جيڪا قومي سلامتي پا??يسي جي پهرين دستاويز آهي. قومي پا??يسي سلامتي جاگرافيائي حڪمت عملي تي ڌيان ڏيندي جيو اڪنامڪ ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿي ته گڏيل احترام ۽ هڪجهڙي خودمختياري جي بيناد تي پاڪس??ان جي پرڏيهي پا??يسي ۽ فوجي صلاحيت جو اولين مقصد خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام آهي، پا??يسي جي جوڙجڪ جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڪيتريون ئي مشاورتون ڪيون ويون ۽ قومي سلامتي جي ماهرن سميت 600 کان وڌيڪ ماڻهن کي راءِ حاصل ڪئي وئي. وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسان جي قومي سلامتي جي سوچ اقتصادي وسيلن جي فروغ جي ذريعن جي نشاندهي ڪري ٿي ته جئين پاڪس??ان جي روايتي ۽ غير روايتي سلامتي کي بيڪ وقت مضبوط بڻائي سگهجي، قومي سلامتي پا??يسي جي اهم مقصدن ۾ قومي هم آهنگي معاشي مستقبل جو تحفظ، دفاع ۽ علائقائي سالميت، داخلي سلامتي، بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ پرڏيهي پا??يسي ۽ انساني سلامتي شامل آهن. ان پا??يسي جو مقصد پاڪس??ان جي ترقي يافته ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن جي وچ ۾ اقتصادي، ٻاهرين عدم توازن، سماجي ۽ اقتصادي اڻ برابري ۽ جاگرافيائي فرق جهڙن ٽي سنگين چئلينجز کي ختم ڪرڻ آهي، دستاويز ۾ زور ڏنو ويو آهي ته پاڪس??ان جي دفاع ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۽ ان جو استعمال ۽ انفارميشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جي ذريعي هائبرڊ وار افيئر جو مقابلو ڪيو ويندو. داخلي سلامتي جي حوالي سان پا??يسي ۾ رياست جي رٽ کي يقيني بڻائڻ، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد روين ۽ قو??ي بنيادن تي فرق کانسواءِ خلاف عدم برداشت ۽ منظم ڏوهن جي لعنت جي خاتمي تي زور ڏنو ويو آهي، قومي سلامتي پا??يسي عالمي سطح تي پاڪس??ان جي مفاد ۽ موقف جو دفاع ڪندي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل ملڪي سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي، قومي سلامتي جي پا??يسي جي دستاويزن ۾ نوجوانن تي مرڪوز پا??يسين تي عمل پيرا ٿيڻ، غذائي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ، بنيادي صحت جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.