لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي مشڪلاتن کان پوري طرح آگاهه آهي، ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون ??هن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون ??اري رهندو، پنجاب ۾ ترق??ات?? منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، قانون ??ي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افصل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به موجود هئا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ ترق??ات?? معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ جاري ترق??ات?? منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مهانگائي تي ضابطو آڻن ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪ??مت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي تڪليف کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ پائيدار قدم کڻي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي.
مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون ??هن، منافعي خورن ۽ ذخيرو اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون ??اري رهندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۾ جاري سمورن ترق??ات?? منصوبن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪن ته جيئن عوام جي سهولت ٿئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي فائدي لاءِ سمورن عوامي ڀلائي جي منصوبن جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو ويندو. قانون ??ڀني جي لاءِ برابر آهي، قانون ??ي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪ??مت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.