مري – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت پاڪستان جو مستقبل آهي، صحت ۽ تعليم عوام جي سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي، مري وانگر ٻين علائقن ۾ سياحتي مقا?? بنائينداسين، سياحت جي فروغ سان روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي سان وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ڪر?? سگهون ٿا، سياحت جي آمدني مان اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، مديني جي رياست جا اصول اختيار ڪرڻ سان غير مسلم به اڳتي نڪري ويا. هو مري ۾ ڪوهسار يونيورسٽي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪر?? رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صداقت ??باسي به خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته صداقت ??باسي جي تقرير مان ان جي جذبن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ سندس جذبن جي سمجهه اچي ٿي ته جڏهن پوئتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا هجن، وڏي وزير کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪر??ون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن پنجاب هائوس جي مرمت ۽ رنگ روغن تي 83 ارب روپيا خرچ ڪيا، اهو هڪ خاندان جي لاءِ هو، هاڻي اهو عوام جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ايتري وڏي آبادي تي مشتمل علائقو آهي جتي ڪا به اسپتال نه آهي، صرف نٿياگلي ۾ هڪ اسپتال آهي، جيڪا ه??ي جي آبادي ۽ سياحن جي ضرورت پورري نٿي ڪر?? سگهي، هن چيو ته هاڻي هتي 380 ڪينال ??ي جنرل اسپتال ٺهندي، ان سوچ تي پنجاب حڪومت ۽ صداقت ??باسي کي مبارڪباد پيش ڪر??ان ٿو. هن چيو ته عوام جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي آهي ته انهن جي صحت ۽ تعليم جو خيال رکيو وڃي، جيڪڏهن تعليم وڌيڪ ۽ هنرمند ماڻهو وڌيڪ هجن ته وڌيڪ آمدني ٿيندي، اها انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي، نوجوان ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 6 مهينن جو ڪورس ڪر?? بهتر ڪمائي ڪر?? سگهن ٿا، وزيراعظم چيو ته ڪوهسار يونيورسٽي سياحت جو مستقبل آهي، ان سان سياحت کي فروغ ملندو، جيڪا قوم اڳ??ي جو سوچيندي آهي اها عظيم قوم بڻجندي آهي، مڪه ۾ قيدين کي قيد کان آزادي 10 مسلمانن کي تعليم ڏيڻ سان مشروط ڪئي وئي ان سان تعليم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وزيراعظم چيو ته تعليم کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪر?? سگهي، مون پورو پاڪستان ڏٺو آهي، دنيا ڏٺي آهي جيڪي نعمتون الله پاڪ پاڪستان کي ڏنيون آهن انهن جو جيترو ٿورو ادا ڪيون اهو گهٽ آهي، جيڪڏهن اسان صرف سياحت تي ڌيان ڏيون ته ايتري آمدني ٿي سگهي ٿي ته اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، اسان پنهنجو روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو وڌيڪ ڪمائي سگهون ٿا.