اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي انهن ادارن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس هتي ناڻي واري وفا??ي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفا??ي وزير محمد ??يا?? سومرو، وزيراعظم جي واپار واري وفا??ي وزير عبدالرزاق ??ائ??د، اداره جاتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ روينيو بابت خاص مددگار وق??ر مسعود شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن جي فورينزڪ آڊٽ جي ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري سيڪريٽري اي جي پي آفيس ۽ نجي آڊٽ فرمز لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس پيش ڪندي چيو ته ان سان معيار کي يقيني بڻائيندي ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن گيپ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ بهتر سفارشون جوڙي سگهن.