ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس جي دوري جي موقعي تي چئي. پي بي اي جي عه??يد??رن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چيو ته ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته حڪومت اظه??ر راءِ جي آزادي جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايوسسيئيشن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته گڏيل تعاون ۽ مسلسل رابطن سان مسئلن جو حل ممڪن بڻايو ويندو.