اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پ??هنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪيوبڪ فٽ گئ?? پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملين ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ ک??ن ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پ??هنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پ??نشنرز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.