ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مختلف صحافتي ادارن س??ن واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت هڪ اهڙو مڪينزم ٺاهي رهي آهي جنهن جو تعلق اشتهارن جي بلن جي ادائگي سان هوندو، حڪومت ميڊيا هائوسز کي هڪ ارب رپين ک??ن وڌيڪ جي ادائيگي ڪئي آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ان رقم سان صحافتي ادارن س??ن واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن جي ادائگي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ??لب جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.