اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيادت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال ڪري ره?? آهي. وفد مظفرآباد ?? پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن سان ملاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پ??ش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پ??ري قوم احتجاج ڪري ره?? آهي، ڀارت 70 س??لن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري ره??و آهي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻو پوندو، ڀارت جون هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان وفد کي روانو ڪيو.