اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اس?? عمر چيو آهي ته اس??ن کي وبا کي به روڪڻو آهي ۽ ماڻهن جو معاشي تحفظ به ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙي ضرور آهي پر قابو کان ٻاهر ناهي ٿي، حڪومت پاران رڳو ڪجهه هفتن ۾ 80 لک خاندانن ۾ سوا ارب رپي?? ورهايا ويا آهن، بجلي جي بلن، پاڪستان جي آبادگارن ۽ صحت جي شعبن سميت ٻيا رليف پئڪيج ان کانسواءِ آهن، ان صورتحال مان سرخرو ٿي اس??ن تڏهن ئي نڪري سگهنداسين جڏهن اس??ن اتحاد ۽ يڪجهتي سان گڏجي ه??نداسين، چار ئي صوبائي حڪومتون، آزاد ڪشمير ۽ گ??گت بلتستان جون حڪومتون گڏجي ڪم ڪري ر??يون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس تي بحث کي سهيڙيندي وفاقي وزير اس?? عمر چيو ته ڪجهه تقريرن ۾ سٺيون تجويزون آيون. امير حيدر هوتي سٺيون تجويزون ڏنيون ۽ سوال به اٿاريا.