اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، سياسي اڳواڻ ۽ شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي، انهن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، انهن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنه??جي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري اقبال ڏهاڙي جي موقعي تي پنه??جي خصوصي پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اڄ جي ڏينهن اسان سڀ ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر علامه ماقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اڄ جي ڏينهن پوري قوم مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي علمي، فڪري ۽ سياسي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي. هن چي?? ته علامه اقبال جي شآعري نه رڳو اردو زبان جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جي حيثيت رکي ٿي پر هن پنه??جي ڪلام جي ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي ۽ انهن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، علامه اقبال انهن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنه??جي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. سندس چوڻ ه?? ته علامه اقبال پنه??جي شاعري ۽ خطبن جي مدد سان قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ انهن جي اندر سياسي شعور بيدار ڪيو، ان مقصد جي لاءِ هن نوجوانن کي پنه??جي شاعري جو موضوع بڻايو ۽ انهن کي پنه??جي اندر خودي جو جذبو ۽ عقابي روح بيدار ڪرڻ جو سبق ڏنو. صدر چي?? ته علامه اقبال چاهيندو ه?? ته ننڍي کنڊ جا مسلمان خاص طور تي نوجوان خودي جي فلسفي کي اختيار ڪندي پنه??جي اندر خوداعتمادي پيدا ڪن ۽ اهي صفتون پيدا ڪن جن سان اهي پنه??جي قوم جي تقدير بدلائي سگهن، هو تعليم جي شعبي ۾ پنه??جي قوم جي ترقي جو خواهشمند هو، نه رڳو جديد علم حاصل ڪرڻ جو وڏو حامي هو پر هن قوم جي نوجوانن کي قرآن حڪيم سان رشتو ڳنڍڻ جو پڻ درس ڏنو. هن چي?? ته ڪلام اقبال اسان کي اهو پيغام ڏي ٿ?? ته شجاعت، دانائي، اعليٰ ڪردار، بهترين اخلاق، عزت نفس، دورانديشي ۽ خوداعتمادي ئي اهي اعليٰ ترين انساني صفتون آهن جيڪي نه رڳو هڪ شخص پر قوم کي به نئين زندگي عطا ڪن ٿيون. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته علامه اقبال جو خودي جو فلسفو انقلابي حيثيت رکندڙ آهي، هن پنه??جي شاعري ۾ مسلمانن کي اميد جو پيغام ڏنو ۽ انهن جي اندر هڪ نئون جذبو ۽ نئين سوچ پيدا ڪئي. هن چي?? ته علامه اقبال نه رڳو مسلمان امت کي پنه??جي اندر اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جو پيغام ڏنو پر قوم کي درپيش وڏن چئلينجز جي نشاندهي پڻ ڪئي، ان جو پيغام عالمي حيثيت رکندڙ آهي ۽ اسان کي اڄ به مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اقبال جي خودي جي فلسفي تي ع??ل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته اقبال ڏهاڙو اسان کي نه رڳو پيغام اقبال کان آگاهي حاصل ڪرڻ پر ان کي انفرادي ۽ قومي سطح تي اختيار ڪرڻ جي پڻ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن اسان نه رڳو علامه اقبال کي ان جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا پر ان جي پيغام تي ع??ل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا. اچو عزم ڪريون ته اسان علامه اقبال جي خيالن ۽ فڪر کي پنه??جي لاءِ مشعل راهه بڻائيندي پاڪستان کي هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪنداسين.