اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرا?? جي انتظام هيٺ آفيسرن جي هڪ گروپ قانون ۽ انصاف واري وزارت جو دؤرو ڪيو. وزارت موجب انتظام هيٺ آفيسرن جو اهو دؤرو پيشيوراڻي تربيت جي هڪ حصي طو?? تي هو. وزارت جي دؤري دوران تربيت هيٺ آفيسرن جي گروپ قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي وڌائڻ لاءِ وزارت جي ويزن ۽ عز?? جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه جي مٽاسٽا ڪئي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف وارو سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر، ايڊيشنل سيڪريٽري اويس نعمان ڪنڊي ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري زينت احمد به موجود هئي. ان دؤري ۾ وزارت جي متنوع ڪمن خاص طو?? تي جاچ، ڊرافٽنگ ۽ قانونسازي جي ڪردار باري ۾ تفصيلي بريفنگ شامل هئي. راجا نعيم اڪبر مُک قانوني فريم ورڪ جي باري ۾ تفصيلي پريزينٽيشن فراهم ڪئي جنهن ۾ صارفين جي تحفظ جي قانونن کي مضبوط بنائڻ ۽ ملڪيتن جي حقن کي اڳيان وڌائڻ ۾ وزارت جي ڪوششن کي اجاگ?? ڪيو ويو. سيشن جو هڪ اهم حصو فوجداري قانون ۾ جاري سڌارن لاءِ وقف هو، جنهن جو مقصد شهرين لاءِ انصاف جي وڌيڪ اثرائتي نظا?? جي جوڙجڪ آهي. تربيت هيٺ آفيسرن کي قانوني طريقيڪار کي جديد بنائڻ ۽ سمورن شهرين لاءِ انصاف تائين پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ وزارت جي اسٽريٽجڪ قدمن جي باري ۾ ٻُڌايو ويو. هي دؤرو تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ وزارت جي ڪاررواين ۽ پ??ليسين جي جوڙجڪ ۽ عملدرآمد ۾ ان جي اهم ڪردار کي جامع طو?? تي سمجهڻ جو سٺو موقعو هو. بريفنگ ۾ انصاف ۽ احسن حڪمرانيءَ جي طرز جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف سرڪاري کاتن وچ ۾ سهڪار جي اهميت تي به زور ڀريو ويو.