اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مل??ي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون د??وا??ون کوکليُون رهجي ويون، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي تر??ي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي تر??ي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع تائين 3.1 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سي??ڙو کان وڌيڪ آهي، ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29.3 سي??ڙو جو اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو اسان جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀين??ن جي ملڪ ۽ قوم جي تر??ي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي سان مل??ي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون د??وا??ون کوکليُون رهجي ويون. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي تر??ي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي تر??ي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي.