اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڀريندي چيو آهي ته فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم پاڪست??ن جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طرف ??هم ق??م آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ م??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف ڪليڪٽر ڪسٽمز ڪراچي زون جميل ناصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ نمايان خدمتن جي حوالي س??ن جميل ناصر ۽ ڪسٽمز ڪراچي زون ۾ سندس ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم لاءِ 1.5 ڪروڙ روپيا روڪ رقم جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم عيوض ڪسٽمز آپريشنز ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. هن فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته منصفاڻي، شفاف ۽ موثر ڪسٽمز سسٽم کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪسٽمز نظ??م ۾ وڌيڪ سڌارا آندا وڃن جيڪي عالمي معيار سان هڪجهڙائي رکن، وزيراعظم چيو ته فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم پاڪست??ن جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي جي حوالي سان هي سسٽم هڪ اهم سنگ ميل آهي، فيس ليس ڪسٽمز ا??سم??ٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طرف هڪ ق??م آهي.