لاڙڪاڻو – 24 ڊسمبر (اي پي پي)سڄي دنيا سميت لاڙڪاڻي ۾ به ڪا??هه بي بي فاطمة الزھراء رضه ج?? جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان مل??ايو ويو. تفصيل مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ج?? جي پياري نياڻي، خاتون جنت، حضرت علي رضه جي گهرواري ۽ ا??ام حسن ۽ ا??ام حسين رضه ج?? جي والده ماجده بي بي فاطمة الزھراء رضه ج?? جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان مل??ايو ويو. ان سلسلي ۾ شھر جي انجمن پنجتني کچي ا??ام بارگاه ۽ ا??ام بارگاه جعفريه سميت مختلف ا??ام بارگاهن مسجدن ۾ ولادت باسعادت جو جشن مل??ايو ويو. ڪيڪ ڪاٽيا ويا، عالم سڳورن ۽ ذاڪرين بي بي سيده فاطمة الزھراء رضه جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ لاڙڪاڻي جي مشھور قصيدہ خوانن سائڻ بي بي فاطمه الزهراء جي شان ۾ قصيدا چيا آخر ۾ علماء ڪرام پاڪستان ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا خير گھري وئي.