راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس (اي اين ايف) منشيات اسمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جاري ڪريڪ ڊائون دوران وڌيڪ چئن ڪارراوين جي نتيجي ۾ 4 جو??بد??ر گرفتار ٿيا، اي اين ايف هيڊڪوا??ٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل تفصيل?? موجب ڪاررواين دوران 20 لک روپين کان وڌيڪ جي ماليت جي 16.7 ڪلوگرام منشيات ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو، ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ويجهو جو??بد??رن جي قبضي مان 5 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورسٽي ويجهو جو??بد??رن وٽان 2 ڪلو چرس ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو. ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتار جو??بد??رن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻين ڪاررواين دوران سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان بحرين ويندڙ مسافر وٽان 2.5 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، هوڏانهن راءِ ونڊ روڊ قصور ويجهو رڪشا ۾ لڪايل 7.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جو??بد??ر کي گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جو??بد??رن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.