لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ??سلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان ??يپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آ??ف، قانون ۽ انصاف ??ارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما شامل هوندا. رياستي ۽ سرحدي معاملن وارو وزير انجنيئر امير مقام، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي سينيئر وزي?? مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر خان ??ندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي پاڪستان ??يپلزپارٽي سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان ??يپلزپارٽي پاران ??قرر ڪيل ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.