اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت کي خدشا آهن ته آگاهه ڪري اسان ختم ڪنداسين پر چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ هو ته اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ڪرائينداسين، اسان آءِ سي سي کي خط لکيو هو، ان جي ??واب جو انتظار آهي، آءِ سي سي کي پنهنجي ??اک جي ??اري ۾ پاڻ سوچڻو پوندو. آءِ سي سي ڪرڪيٽ جي ??نيا جي واحد مضبوط باڊي آهي. هن چيو ته هاڻ به چيمپئنز ٽرافي جي ??اري ۾ سُٺي اميد رکان ٿو، راند ۽ سياست ڌار ڌار شيون آ??ن، ڪنهن به ملڪ کي سياست کي وچ ۾ نه آڻڻ گهرجي، منهنجو ناهي خيال ??ه ڪوبه اسان کي ٽف ٽائيم ڏئي ??گهي ٿو، ڀارت کان علاوه سموريون ٽيمون پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آ??ن، ڀارت کي ڪا ڳڻتي آهي ته اسان سان ڳالهائي ??سان دُور ڪنداسين. چيئرمين چيو ته چيمپئنز ٽرافي تائين عاقب جاويد کي هيڊ ڪوچ طور فرض انجام ڏيڻ جي ??ذا??ش ڪئي ??هي. عاقب جاويد وقتي طور تي هيڊ ڪوچ هوندو. اسان هيڊ ڪوچ لاءِ پنهنجو پراسز شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، عاقب جاويد چيمپئنز ٽرافي تائين وائيٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ هيڊ ڪوچ هوندو.