بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي ??ي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي ??ونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، غير قانوني مائيگريشن ۽ انس??ني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگري جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيون. ملاقات ڪندڙن ۾ سوئٽزرلينڊ جو مائيگريشن وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي ??ونين جي مائيگريشن ۽ گهرو معاملن جو سربراهه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو سربراهه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني مائيگريشن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انس??ني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چڪو ??هي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ سان ڪو ??ه ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غير قانوني مائيگريشن ۽ انس??ني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ يورپي ??ونين ۽ مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاون جي آجيان ڪندا. اڄ اسان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن لاءِ بهتر مستقبل ڇڏي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گڏيل وفدن جي مٽاسٽا ۽ ادارن جي صلا??يت وڌائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي خصوصي تربيت لاءِ سوئٽزرلينڊ – يورپي ??ونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن گهرو وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آصف حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.