اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??ين جو وزيراعظم لي چيانگ سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 سالن کانپوءِ ??ين جي ڪنهن به وزيراعظم جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين جي وزيراعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. بعد ۾ چيني وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم هائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيني وزيراعظم جي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي وزيراعظم ??ين پاڪستان تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن وا??ي تقريب ۾ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ ??ين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) 2 سان گڏوگڏ ٻيا وڏا منصوبا پڻ شامل آهن. تقريب ۾ ??وا??ر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ شامل آهي.