اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور جي پوسٽ تي دهشتگ??د حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم دهشتگ??د حملي ۾ حولدار جمشيد خان جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا جوان دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهن، شهيدن جون ق??بانيون هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.