اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ??جل?? جي شعبن ۾ سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس جي سفارش تي 5 آءِ پي پيز کان ??جل?? خريد ڪرڻ جي معاهدن کي ختم ??رڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا ??جل?? جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس جي سفارش تي 5 آءِ پي پيز کان ??جل?? خريد ڪرڻ جي معاهدن کي ختم ??رڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن معاهدن کي ختم ??رڻ سان ??جل?? صارفين کي 60 ارب رپيا ساليانو فائدو ٿيندو ۽ ??جل?? جي في يونٽ اگهه ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. مجموعي طور تي ملڪي خزاني کي 411 ارب رپين جي بچت ۽ انهن آءِ پي پيز کي واجب الادا رقم تي ڪنهن به قسم جو وياج نه ڏنو ويندو. ??جل?? جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۽ انهن آءِ پي پيز جي مالڪن جي وچ ۾ اتفاق ۽ انهن معاهدن جي پڄاڻي جي عمل جا تفصيل ڪابينا آڏو پيش ڪيا ويا. ??جل?? خريد ڪرڻ جي معاهدن جي پڄاڻي جي فهرست ۾ حبڪو، صبا پاور، روش پ??ور، لال پير ۽ اٽلس پاور شامل آهن. انهن آءِ پي پيز مان روش پ??ور بلڊ اون اپريٽ اينڊ ٽرانسفر معاهدي تحت قائم ڪيو ويو هو، معاهدي موجب ان جي ملڪيت حڪومت کي منتقل ڪرڻ کانپوءِ ان جي پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي ذريعي نجڪاري ڪئي ويندي. باقي 4 آءِ پي پيز جي ملڪيت انهن جي مالڪن وٽ رهندي جڏهن ته حڪومتي معاهدي کي ختم ??رڻ کانپوءِ حڪومت پاران ڪنهن به قسم جي ادائيگي نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت استحڪام طرف تيزي سان گامزن آهي. پارٽي جي منشور ۾ عوامي ريليف جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي واعدي کي وفا ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ 5 آءِ پي پيز سان ??جل?? خريد ڪرڻ جو معاهدو ختم ??ري رهيا آهيون، ??جل?? صارفين کي ساليانو 60 ارب ۽ مجموعي طور تي ملڪي خزاني کي 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي. ??جل?? جي شعبي ۾ ٻين آءِ پي پيز سان معاهدن تي ترتيبوار نظرثاني ڪري ٽيرف ۾ گهٽتائي آندي ويندي. قائد مسلم ليگ (ن) ميان نواز شريف سدائين چيو، ??جل?? جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي قائد ميان نواز شريف جي قيادت ۾ عوامي ريليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت کي پنهنجو شعار بڻايو. عوام ان عرصي ۾ وڏي قرباني ڏني. وقت اچي ويو آهي ته عوام جي مشڪلاتن جو ازالو ڪيو وڃي. مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي، 6.9 سيڪڙو تي اچڻ سان عوام کي ريل??ف مليو. الله جي وڏي فضل ۽ ڪرم ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو 2025ع جو 7 سيڪڙو جو هدف 2024ع ۾ ئي حاصل ڪيو ويو. 5 آءِ پي پيز مالڪن ملڪي مفاد کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏني ۽ رضاڪاراڻي طور تي انهن معاهدن کي حڪومت سان ختم ??رڻ تي اتفاق ڪيو. انهن 5 آءِ پي پيز برسات جي پهرين ڦڙي وانگر عوامي ريليف جي شروعات ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مون سميت پوري ڪابينا انهن آءِ پي پيز مالڪن جي ٿورائتي آهي. هن چيو ته ??جل?? شعبي جي سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۽ وفاقي ڪابينا جا ميمبر ان ڪوشش جي لاءِ ساراهه لائق آهن. تازين گرمين ۾ وفاق ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ ??جل?? جي بلن ۾ ريليف ڏنو. عوام سان ڪيل پنهنجي هر واعدي تي قائم آهيان. سمنڊ پار پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽه ماهي ۾ 8.8 ارب ڊالر جو رڪارڊ پرڏيهي ناڻو سمنڊ پار پاڪستانين جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪليندڙ اسان جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ عظيم پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون.