اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ??ٿا??ندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سيڪڙو عورتن جي شموليت نه هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ عورتن کي حراسان ڪرڻ خلاف ??ٿا??ندي وزارت جي قائم ڪيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ۾ ??ٿا??ندي وارو سيڪريٽري ۽ وزارت جي سمورن عورتن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، اسان حڪومت ۾ ايندي عورتن کي قومي ترقي ۾ شموليت وڌائڻ لاءِ جينڊر يونٽ قائم ڪيو ته جئين عورتون آفيسن ۾ تحفظ جي احساس سان ڪم ڪري سگهن ۽ ??ٿا??ندي وزارت عورتن کي پنهنجي لاءِ ڪم ڪرڻ جي محفوظ ترين جاءِ لڳي. هن چيو ته نياڻين لاءِ بهترين ڊي ڪيئر بڻايو ته جيئن ذهني سڪون سان ڪم ڪن. هن جو چوڻ هو ته ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سيڪڙو عورتن جي شموليت نه هوندي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ??ٿا??ندي وزارت کي عورتن لاءِ رو?? ماڊل بڻايو وڃي. هتي ڪنهن عورت سان امتيازي سلوڪ نه هوندو. اجلاس ۾ موجود ??ٿا??ندي وزارت جي سمورين عورت آفيسرن ۽ اهلڪارن وفاقي وزير سان پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪيو.