لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وف??قي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته اقليتن جي حقن جي تحف?? لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين، پاڪستان جي اقليتن تي اسان کي فخر آهي، پاڪستاني جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جو ??ردار هميشه هاڪاري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ اقليتن جي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي تحف?? لاءِ حڪومت هر فورم تي آواز اٿاريندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واضح هدايت آهي ته اسان اقليتن جي حقن جي تحف?? لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر به ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. اقليتن جي حقن لاءِ هر جاءِ تي آواز اٿارينداسين، حڪومت توهان جي حقن جي تحفظ جي ضامن آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مون کي لاهور مان ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني ۽ منهنجو ان تڪ سان تعلق آهي، جتي 70 هزار عيسائي ووٽرز جو مان نمائندو آهيان ۽ مون کي پنهنجي تڪ مان جيتري محبت ان ڪميونٽي مان ملي آهي، ڪنهن ٻئي مان نه. هن چيو ته اسيمبلي ۾ به جڏهن ڪو واقعو هجي يا ڪميونٽي ٿورو خوف محسوس ڪ??ي ته اسا?? اتي به انهن جو حوصلو وڌائيندا آهيون ۽ انهن جو آواز اٿاريندا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم طور هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هميشه رواداري جو پيغام ڏنو آهي. سمورين اقليتن ۽ آرمڊ فورسز جي آفيسرن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي اسان جي دعوت تي هتي آيا. اسان کي توهان تي فخر آهي، پاڪستان زنده باد، پاڪستان جون اقليتون پائيندا باد. وف??قي وزير تقريب ۾ هڪ سک شاعر جو شعر به پڙهيو.