اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ ا??ڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ تي وڌيڪ ٽيڪس جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪپهه جي صنعت سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت ??کي ٿي. ملڪ جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦُٽين جي ڳٺڙين جي پيدوار تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪ??مت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪنداسين، ڪاٽن سيڊ ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ جي سيلز ٽيڪس ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور هيٺ آندو ويندو، نون ??يڪسن جو معاملو فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد چيو ته ڳرن ٽيڪسن سان ڪاٽن جننگ ا??ڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، حڪ??مت ان انڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان لاڳو ڪيل سيلز ٽيڪس واپس وٺي، وڌيڪ ٽيڪسن سبب ٽيڪس چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وفد جو چوڻ هو ته گذريل سيزن دوران ملڪ ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون ??يدا ٿيون، حوصلي واري پاليسي سان 20 ملين ڳٺڙيون ??يدا ڪري سگهجن ٿيون.