??سل??م آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ منصوبن جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبي جون پاڻي ضرورتون پوريون ڪرڻ، زراعت جي فروغ ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ڪڇي ڪينال جي جلد تڪميل ضروري آهي، صوبائي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي لاءِ ??وث?? قدم کڻي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي ز??دا??ي، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزي?? صدر کي صوبي جي مجموعي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزي?? صدر کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت ٻڌايو. بلوچستان جي وڏي وزي?? صدر کي عوامي ڀلائي جي لاءِ صوبي ۾ جاري ترياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني. صدر صوبي ۾ جاري منصوبن ۽ امن امان جي لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.