اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان ڪوئيٽا روانو ٿي ويو. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير کانسواءِ بلوچستان ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم بلوچستان جي آبادگارن جي ترقي ۽ خوشح??لي جي لاءِ وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت پاران هڪ وڏي پ??ڪيج جو اعلان پڻ ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو.