دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، ??وانائي ۽ پاڻي وسيلن واري تاجڪ وزير دلير جمعه، ??اجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، ??وشنبي جي مي??ر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده، ??اجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير مح??د سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف س??ن تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم مح??د شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.