اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سنگل و??ڊو ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل و??ڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان سنگل و??ڊو ڪمپني بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار وار?? وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وار?? وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل و??ڊو ڪمپني جو موجود هجڻ خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان سنگل و??ڊو ڪمپني جو دائرو وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل و??ڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين جو سنگل و??ڊو جو نظام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اجلاس کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان سنگل و??ڊو پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سنگل و??ڊو جي ذريعي ملڪ جو 65 سيڪڙو واپار فائدو کڻي رهيو آهي، 11 حڪومتي ادارا ۽ 29 بئنڪون پاڪستان سنگل و??ڊو سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان سنگل و??ڊو ڪمپني جي گڏيل قومن جي ڊيجيٽل ۽ سسٽين ايبل ٽريڊ فيسيلي ٽيشن سروي 2022ع گلوبل سروي ۾ درجابندي خطي جي ملڪن ۾ بهترين رهي.