اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪوانگ سان وفاقي وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي لاءِ پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پ??ڪس??ان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چيو ته انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سهولتن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. بيجنگ ۾ ڪاروباري گروپس جي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پ??ڪس??ان چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.